لاڪ ڊائون سبب پريشان مسڪين ماڻهن لاءِ سماجي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويو

عوامي آواز رپورٽ
لاڪ ڊائون سبب پريشان مسڪين ماڻهن لاءِ سماجي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويو
عوامي آواز رپورٽ لاڪ ڊائون سبب پريشان مسڪين ماڻهن لاءِ سماجي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويو

ڪراچي: ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جي ڪري پريشان غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ خاني سلسلي جو پير صوفي جميل الرحمان خاني مسيحا بڻجي ويو.

عالمي وبا ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون کانپوءِ غريب ۽ پٺ تي پيل طبقو تڪليف ۾ آهي، جنهن کي نظر ۾ خاني سلسلي جو پير صوفي جميل الرحمان خاني سندن ڀرجهلو بڻيو آهي.

پير صوفي جميل الرحمان خاني طرفان وبا کان بچڻ لاءِ پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي گهر ويهڻ تي مجبور ماڻهن لاءِ خاص طور راشن جو انتظام ڪيو ويو آهي ۽ غريب عوام کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ان سلسلي ۾ رئيس خاني سان رابطو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.