ڪورونا وائرس ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽرافي جي سفر کي به بريڪ هڻي ڇڏي

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽرافي ٽور جو پلان ملتوي ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽرافي کي هلندڙ سال اپريل ۾ دنيا جي سفر تي نڪرڻو هو پر ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ٽرافي ٽور پلان في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان چيو ويو آهي ته صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ٽرافي جي ٽور کي ري شيڊيول ڪنداسين.

واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ راندين جا ڪيترائي وڏا مقابلا ملتوي ٿي چڪا آهن ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊيول آهي پر ان بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.