سعودي حڪومت پاڪستان کي حج معاهدن کان روڪي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ڪورونا وائرس جي خدشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي حج معاهدن کان روڪي ڇڏيو آهي.

سعودي عرب جي حج واري وزارت طرفان پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت کي خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي في الحال حج معاهدو نه ڪيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت صورتحال کي نظر ۾ رکيو پئي اچي، صورتحال بهتر ٿيندي ئي آگاهي ڏني ويندي، جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهيو ته حج ضرور ٿيندو.

ان ڏس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمران بشير صديقي جو چوڻ هو ته سعودي حڪومت جي اطلاع تي معاهدن تي ڪم روڪيو ويو آهي، مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري سعودي عرب جي حج بابت وزير سان رابطو به ڪيو آهي.

هن ٻڌايو ته سعودي جي حج بابت وزير خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهيو ته حج ضرور ٿيندو، سعودي اختياريون حالتن کي ڏسي رهيون آهن ۽ صلاح مشورو جاري آهي.

واضح رهي ته پير انور الحق قادري حج انتظام روڪڻ جي حوالي سان خبرن جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.