سنڌ ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ غريبن کي راشن لاءِ 580 ملين رپيا جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جي دوران روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙن ۽ غريبن کي راشن جي فراهمي جي لاءِ 580 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ آءِ جي جيل خانه جات شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي جيلن ۾ 16 هزار کان وڌيڪ قيدي آهن، چاهيان ٿو ته جيلن ۾ قيدين جو انگ گهٽ ڪيو وڃي، جيڪي قيدي معمولي ڪيس ۾ بند آهن يا پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ضامن نه هئڻ جي ڪري بند آهن انهن کي رعايت ڏني ويندي جڏهن ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ڏنڊ ڏيڻ جي قابل ناهن انهن جو ڏنڊ حڪومت ادا ڪندي.

سنڌ حڪومت جو قيدين جا ڏنڊ پاڻ ادا ڪرڻ جو فيصلو:

مراد علي شاهه آءِ جي جيل خانه جات کي هدايت ڏني آهي ته هر هڪ  قيدي جي تفصيل ان جي ڏوهه سميت، قيدي جي عمر، جيل ۾ اچڻ جي تاريخ، انڊر ٽرائل آهي يا سزا يافته ۽ قيدي جي صحت جي حوالي سان فهرست بڻائي موڪلي وڃي، پوءِ قانون جي حساب سان ڏسنداسين ته ڪيترن کي ڇڏيو ويو آهي.

هر ضلعي ۾ 20 ملين ڏنا ويندا:

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غريبن ۽ روزاني ڏهاڙي تي گهر هلائيندڙن کي راشن جي فراهمي لاءِ 580 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ترجمان موجب هر ضلعي ۾ 200 ملن رپيا ڏنا ويندا جيئن روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙن کي راشن ملي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.