حرا ماني عوام کي هدايتون ڏيندي پاڻ بي احتياطي ڪري ويٺي..!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرامي سيريل ”دو بول“ ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتل اداڪارا حرا ماني ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ هدايت ڪئي پر ان حوالي سان جاري ڪيل تصوير تي واهپيدارن مٿس ڇتي تنقيد ڪندي آهي.

حرا ماني فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس اداڪار ماني سان گڏ هڪ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي کي ماسڪ ته پاتل آهي پر اهي ٻئي هڪٻئي جي ويجهو ۽ ڀاڪر پائي بيٺل آهن.

تصوير سان گڏ حرا ماني عوام کي درخواست ڪندي لکيو ته توهان به ائين ئي احتياط ڪيو، ضروري آهي.

پوسٽ جي ڪيپشن تي غور ڪيو وڃي ته اداڪارا ماڻهن کي سٺيون هدايتون ڏنيون آهن پر مڙس سان گڏ تصوير جاري ڪرڻ تي هوءَ تنقيد جو شڪار ٿي وئي آهي.

ڪيترن ئي واهپيدارن تصوير تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”توهان پاڻ ان تي عمل ڪيو“.

ڊاڪٽر فائزا حسين نالي هڪ مداح لکيو ته ”آئسوليشن جو مطلب پنهنجي هٿن کي به پاڻ کان ڪري رکڻ آهي، ڪنهن کي به هٿ ناهي ڏيڻو، پڙهيل لکيل ماڻهن مان اها اميد نه هئي“.

زوهيب نالي واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت گهر رهڻ لاءِ چيو آهي، گهر ۾ رهي ائين ڪرڻ لاءِ ناهي چيو“.

ڪجهه واهپيدارن اداڪارا جي مڙس سان گڏ نڪتل تصوير کي ڇڇورائپ قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.