ڪورونا وائرس باربي ڊول کي ٻُهارو ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينه ڪيف کي ڪورونا وائرس گهر ۾ ٻُهارو ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

ڪورونا وائرس جي ڪري آئسوليٽ ڪرڻ واري هدايت تي عمل ڪندي بالي ووڊ اسٽرن پاڻ کي به گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي پر هو پنهنجون سموريون سرگرميون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي نظر پيا اچن.

ائين ئي اداڪارا ڪترينه ڪيف به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هر ڏينهن ويڊيوز شيئر ڪري ٻڌائي رهي آهي ته هو آئسوليشن دوران گهر ۾ ڇا ڇا ڪري رهي آهي.

اداڪارا جي هڪ ويڊيو ۾ ڏٺو ويو آهي ته هو ٻُهارو هڻي گهر جي صفائي ڪري رهي آهي جنهن کي هو جسماني صحت جي لاءِ ورزش قرار ڏئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.