داد لغاري: وڻن جي غير قانوني واڍي، پوليس 4 ڄڻا گرفتار ڪري ڪاٺ هٿ ڪري ورتو

عوامي آواز رپورٽ
داد لغاري: وڻن جي غير قانوني واڍي، پوليس 4 ڄڻا گرفتار ڪري ڪاٺ هٿ ڪري ورتو
عوامي آواز رپورٽ داد لغاري: وڻن جي غير قانوني واڍي، پوليس 4 ڄڻا گرفتار ڪري ڪاٺ هٿ ڪري ورتو

داد لغاري ويجھو وڻن جي غير قانوني واڍي جي اطلاع تي پوليس ڪاروائي ڪندي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪاٺ هٿ ڪري ورتو

داد لغاري ويجھو ڏهر واهه لوئر مان نڪرندڙ گاجي مائنر جي آر ڊي 15 وٽان لکين رپين جا وڻ وڍجڻ جي اطلاع تي داد لغاري پوليس ڪاروائي ڪندي ڪاٺين سان ڀريل 4 ٽريڪٽر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ان موقعي تي ايس ايڇ او داد لغاري صحافين کي ٻڌايو ته گاجي مائنر جي ڪپرن تان لکين رپين جي ماليت جا سرڪاري وڻ وڍجڻ جو اطلاع مليو جنهن تي ڪاروائي ڪري وڍيل وڻ، چئن ٽريڪٽر ٽرالين سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن … ايس او ٽي

هوڏانهن گرفتار ٽريڪٽر ڊرائيور نثار لغاري ٻڌايو ته اسان کي دلاور پتافي نالي ھمراھ ڪاٺ کڻائڻ لاءِ وٺي آيو هو اسان کي وڻن جي سرڪاري ھجڻ جو ڪو به پتو نه ھو … ايس او ٽي

داروغي اڪبر ڇڄڻ ٻڌايو ته اسان کي وڻن جي واڍي بابت ڪو به علم ناهي ۽ نئي ڪنهن وڻ وڍڻ جي عجازت ورتي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.