سنڌ ۾ لاڪ ڊائون: چوٿين ڏينهن به شهر مڪمل بند

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ ۾ لاڪ ڊائون: چوٿين ڏينهن به شهر مڪمل بند
عوامي آواز رپورٽ سنڌ ۾ لاڪ ڊائون: چوٿين ڏينهن به شهر مڪمل بند

ڪورونا وائرس جي خطري سبب سنڌ حڪومت جي اعلان تي لاڪ ڊئون جي چوٿين  ڏهاڙي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو

ڪوٽ غلام محمد ۾ شهر ڇوٿين ڏينهن به بند رھيو، شهر جي مک ڪاروباري مرڪز لياقت چوڪ،  لاھوتي چوڪ سميت مختلف بازارون دڪان مڪمل طور تي بند رھيا

شهر بند هجڻ سبب مزدور طبقو پريشان نظر آيو جڏهن ته ٻئي پاسي پوليس جا جوان شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪري ماڻهن کي آگاهي ڏيندي گهرن تائين محدود رھڻ جو اعلان ڪندا رھيا

ڊگهڙي شھر ۾ چوٿين ڏينهن ڦيٿو نه فريو جڏهن ته ڪاروبار مڪمل بند رکيو ويو

ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زاهد حسين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر نثار ميمڻ، ڊي ايس پي مير آفتاب ٽالپر ۽ ٻين پوليس نفري سان ڪري شھر جي مختلف روڊن جو گشت ڪري لاڪ ڊائون جو جائزو ورتو

کوسڪي ۾ به ڪورونا وائرس جي خطري سبب چوٿين ڏينھن شهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رهيو جڏهن ته شهر بند هجڻ سبب پورھيت طبقو پريشاني کي منهن ڏيڻ لکو آهي هوپڏانهن پوليس جا جوان شهر جو گشت ڪري عوام کي گھرن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪندا رهيا

لاڪ ڊائون جي چوٿين ڏينهن وارهه شهر ۽  ڀرپاسي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رهيو ، جڏهن ته مزدور ماڻهو بکن تي پاهه ٿي آخر رڪاوٽون ٽوڙي شھر ۾ نڪري آيا ۽ پوليس تماشائي بڻيل رهي

قمبر ۾ به سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان تي چوٿين ڏينهن به شهرجا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طورتي بند رهيا جڏهن ته رينجرس جي جوانن جو شهر ۾ گشت جاري رهيو

ڪوٽڏجي ۾ به لاڪ ڊائون جي ڇوٿين ڏينهن شهر بند رهيو جڏهن ته لاڪڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ موٽر سائيڪلن تي ٻيل سوار ماڻهن جون موٽر سائيڪلون بيهاري ٽائرن مان هوا ڪڍي وئي

ڳاڙهي ۾ به سنڌ حڪومت جي ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ڪيل  لاڪ ڊائون تي ٺٽي ضلعي جي سامونڍي  پٽي ڪيٽي بندر، ڳاڙهو،  ٻگھاڻ  سميت ننڍا  وڏا  شھر مڪمل بند رهيا

جڪڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جا جوان  ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ گشت ڪري عوام کي آگاهي ڏيندا رهيا

چيلهار شهر ۾ به چوٿيئن ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون رهيو  جڏهن ته برسات ۾ به پوليس اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا

ميهڙ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري ميهڙ شهر ۾ ڪاهي پيو، ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪري سندن  گاڏين جي ٽائرن مان هوا ڪڍي وئي

ڪشمور ۾ به اڄ چوٿين ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون رهيو ، کاڌي پيتي جا دڪان، ميڊيڪل اسٽور،  ڪريانا ۽  سبزي مارڪيٽ کليل رهي ۽ شهر ۾ پوليس جو گشت جاري آهي

خانپور مهر ۾ به سنڌ حڪومت جي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ شهر مڪمل بند رهيو جڏهن ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت پريشان آهن

جڏهن ته شهر ۾ منافعي خور دڪاندارن عام واهپي جي شين جا هٿراڌو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن

ميڊيڪل اسٽورن تان ماسڪ ۽ سينيٽائيزر به غائب آهن

ميرپور ماٿيلي ۾ به چوٿين ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون رهيو سبزي مارڪيٽ، ميڊيڪل اسٽور، ڪريان اسٽور کليل رهيا جڏهن ته شهري گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن

جڏهن ته پوليس شھر جا غير ضروري دڪان ۽ ھوٽل بند ڪرائي ڇڏيا آهن هوڏانهن لاڪ ڊائون واري فيصلي کان پوءِ پورهيت طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي

ڳڙھي ياسين ۾ به سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي حڪم تي اڄ چوٿين ڏينهن شھر مڪمل طور بند رهيو، ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين عطا محمد عباسي ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين گلزار احمد ٻرڙو شھر جو گشت ڪيو جڏهن ته چئن ڏينهن کان شھر مڪمل بند هجڻ سبب مزدور طبقو پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي

کپرو ۾ به سنڌ حڪومت پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون باوجود فرٽيلائيزر وارن پنهنجا سمورا دڪان جزوي طور کولي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڀاڄين، گوشت ۽ کير جي دڪانن کان پوءِ فرٽيلائيزر جون مارڪيٽون کلڻ بعد اڌ شهر کليل رهيو

گمبٽ ۾ به لاڪ ڊائون کي چار ڏينهن گذري ويا آهن پر حڪومت غريب عوام جي سار نه لڌي آهي ۽ غرين ماڻهن اٽي وٺڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن جڏهن ته شهر ۾ سياسي سماجي اڳواڻ پنهنجي مدد پاڻ تحت غريب ۽ حقدار  بيواه عورتن سميت غريبن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ورهائيندا رهيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.