اڄ کان سڄي ملڪ ۾ اندورني اڏامون به معطل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي خطري سبب سڄي ملڪ ۾ اڄ کان اندورني اڏامون به معطل ڪيون ويون آهن.

وفاقي حڪومت هڪ هفتي لاءِ اندروني ملڪ فضائي آپريشن معطل ڪيو آهي، جيڪو فيصلو 2 اپريل جي صبح 6 وڳي تائين لاڳو رهندو پر ان دوران ڪارگو ۽ خاص اڏامون ضروري ڪليئرنس کانپوءِ پابندي کان آجيون هونديون، جڏهن ته پي آءِ اي اترين علائقن لاءِ اڏامون جاري رکڻ جي خاص اجازت حاصل ڪئي آهي.

ايوي ايشن ڊويزن ترجمان موجب اهو فيصلو اترين علائقن سان سڌي ريت رابطو برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.