هاءِ ڪورٽ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جنگ ۽ جيو جي ايڊيٽر انچيف مير شڪيل الرحمان جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مير شڪيل الرحمان جي گهرواري شاهينا شڪيل طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڪئي.

نيب اختيارين طرفان مير شڪيل الرحمان کي عدالت ۾ پيش ڪري سندس حاضري لڳرائي وئي، جڏهن ته مير شڪيل الرحمان طرفان سندس وڪيل بئريسٽر اعتزاز احسن پيش ٿيو.

ٻڌڻي جي شروعات ۾ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ احتساب عدالت جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڇا رهجي ويو آهي؟

عدالت پڇاڻو ڪيو ته مير شڪيل الرحمان جو رمانڊ ختم ڪرڻ جي درخواست جي پوزيشن ڇا آهي؟

نيب پراسيڪيوٽر فيصل بخاري چيو ته مير شڪيل الرحمان جو رمانڊ ختم ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي به اڄ ئي ٿيڻ گهرجي.

عدالت چيو اسان رمانڊ ختم ڪرڻ جي درخواست به گهرائي ٿا وٺون.

لاهور هاءِ ڪورٽ مير شڪيل الرحمان جو رمانڊ ختم ڪرڻ بابت درخواست جا ڪجهه دستاويز طلب ڪندي ٻڌڻي ڪجهه دير تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي نيب کي حڪم ڏنو ته درخواست سان گڏ احتساب عدالت جو رمانڊ آرڊر ۽ مير شڪيل الرحمان جي گرفتاري جا سبب ڳنڍيا وڃن.

لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي مير شڪيل الرحمان جي گرفتاري خلاف درخواست ۾ شق وار جواب جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.