ڪورونا سبب نيب ڪيسن جا 24 انڊر ٽرائل جوابدار ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪورونا وائرس سبب نيب ڪيسن جي 24 انڊر ٽرائل جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق حڪم جاري ڪيا، جنهن تي نيب مخالفت ڪئي ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر نيب چيو ته قيدين جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪرائي وڃي ۽ متاثرن کي آزاد ڪيو وڃي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان انڊر ٽرائل جوابدارن کي جيل ۾ ڇو ٿا رکڻ چاهيو؟ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تائين باقي قيدين ۾ به وبا پکڙجي وئي ته ذميوار ڪير هوندو؟ توهان کي خبر آ ته جيل جي هڪ بيرڪ ۾ ڪيترن قيدين کي رکيو ويندو آهي؟

عدالت چيو ته جاچ آفيسر کي اڊيالا جيل جي بيرڪ ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ٿا ڇڏيون، هي غير معمولي حالتون آهن ۽ غير معمولي فيصلا ڪرڻا پوندا.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته انڊر ٽرائل جوابدار ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ملڻ تائين بي ڏوهه تصور ٿيندا آهن، توهان سٺي پراسيڪيوشن کانپوءِ جوابدارن کي وڌ کان وڌ سزا ڏياريو، انهن ڏوهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وڌ کان وڌ سزا 14 سال قيد آهي، موت جي سزا ناهي، بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته حڪومت پنهنجو ڪم نه پئي ڪري، ان جو ڪم به عدالتن کي ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

پوءِ عدالت جوابدارن جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو، جن ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس، ڪارڪي رينٽل پاور ۽ مضاربه ڪيسن جا جوابدار شامل آهن.

ضمانت حاصل ڪندڙن ۾ حسين لوائي، طحه رضا، لياقت قائمخاني، ڊاڪٽر ڊنشا ۽ مصطفيٰ ذوالقرنين به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.