ڪورونا جي پکڙجڻ جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، وفاق ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي جاچ لاءِ جوڊيش: ڪميشن جوڙڻ ۽ تفتان بارڊر سيل ڪري وڌيڪ زائرين جي واپسي روڪڻ جي لاءِ داخل درخواست تي وفاق، وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ زلفي بخاري کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق سول سوسائٽي جي درخواست تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي حوالي سان جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جو وڪيل مظهر جاويد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته تفتان بارڊر تان زائرين کي فيصل آباد، جهنگ يا ٻين شهرن ڏانهن منتقلي کان روڪيو وڃي ۽ تفتان بارڊر کي فوري طور تي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اِهو پاليسي معاملو آهي، شارٽ ڊيٽ ڏئي رهيا آهيون، حڪومت جو جواب اچڻ ڏيو، حڪومت کان پڇون ٿا ته تفتان مان آيلن کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟ آئسوليشن مرڪز ڪٿي قائم ڪيا ويا آهن؟

مظهر جاويد ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته عوام کي فوري طور تي ماسڪ ۽ سينيٽائزر مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، اِهي شيون مارڪيٽ ۾ آساني سان نٿيون ملن يا گهٽي قيمت تي وڪرو ڪيون پيون وڃن.

عدالت وفاق، وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ وزير اعظم جي سمنڊ  پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي بخاري کي نوٽيس جاري ڪري هڪ هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.