ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ – بلوچستان بارڊر سيل

 

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ – بلوچستان بارڊر کي سيل ڪيو ويو.

پوليس موجب سنڌ – بلوچستان جو بارڊر سيل ڪري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ويندڙ گاڏيون مختلف هنڌن تي روڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ملڪ جي چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به لاڪ ڊائون آهي، جڏهن ته صوبن وچ ۾ هلندڙ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ به معطل آهي.

ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ ٽرين سروس کي به 31 مارچ تائين معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.