ملڪ ۾ ڪورونا سبب 9 فوت، 121 نوان ڪيس، گڏيل انگ 1198 ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ هڪ ٻي فوتگي سامهون اچي وئي جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ فوت ٿيلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 121 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ به 1198 تائين پهچي ويو آهي.

پنجاب جي صحت واري کاتي موجب ڪورونا وائرس سبب لاهور ۾ هڪ ٻي فوتگي ٿي آهي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ هن وقت تائين 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان اڳ هڪ شخص لاهور ۽ هڪ عورت راولپنڊي ۾ فوت ٿي وئي هئي.

ڪالهه پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 8 فوتگيون ٿيون هيون جتي راولپنڊي ۾ علاج هيٺ عورت لاڏاڻو ڪري وئي، عورت پرڏيهه مان وطن واپس آئي هئي ۽ 21 مارچ کان علاج هيٺ هئي.

ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ 3، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ سنڌ ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي چڪي آهي.

پاڪستان ۾ موذي مرض سبب هن وقت تائين 24 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن مان 14 جو تعلق سنڌ، 6 جو گلگت بلتستان، 2 اسلام آباد ۽ 2 جو خيبرپختونخواهه سان آهي.

اڄ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هن وقت تائين 121 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن مان پنجاب ۾ 82، بلوچستان ۾ 12، اسلام آباد ۾ 9، سنڌ ۾ 8، گلگت بلتستان ۾ 7، خيبرپختونخواهه ۾ 2 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

پنجاب:

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ شخص فوت ٿيو جڏهن ته 82 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ 405 ٿي ويو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جا سمورا مريض آئسوليشن وارڊ ۾ داخل آهن.

صحت کاتي جي ترجمان موجب هن وقت تائين ڊي جي خان ۾ 207 زائرين ۽ ملتان ۾ 19 زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

صحت واري کاتي موجب ان کان سواءِ لاهور ۾ 103، راولپنڊي ۾ 12، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ 3-3، منڊي بهاو الدين ۾ 2، نارروال، رحيم يار خان ۽ سرگوڌا ۾ 1-1 ڪورونا مريض سامهون اچي چڪا آهن.

ان کان سواءِ اٽڪ ۽ بهاولنگر ۾ هڪ هڪ جڏهن ته ميانوالي ۾ 2 مريضڻ ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

صحت کاتي موجب ڪورونا وائرس سبب سڄي پنجاب ۾ هن وقت تائين 3 فوتگيون ٿيون جنهن مان هڪ مريض راولپنڊي ۾ ۽ 2 لاهور ۾ فوت ٿيا.

اسلام آباد:

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن پر ضلعي انتظاميا طرفان انهن ڪيسن جي ڪا به تصديق سامهون ناهي آئي.

سرڪاري پورٽل تي 9 ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ 25 ٿي ويو آحي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات ٻڌايو ته شهزاد ٽائون واري علائقي ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي جتي لاهور مان آيل هڪ شخص ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر موجب ضلعي انتظاميا شهزاد ٽائون کي جزوي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، علائقي جي ٻين ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي.

بلوچستان:

صحت واري صوبائي کاتي موجب بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ ڪيسن جو انگ 131 ٿي ويو آهي جڏهن ته سرڪاري پورٽل تي به گڏيل ڪيسن جو انگ اِهو ٻڌايو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت جي ترجمان به صوبي ۾ 131 ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.

صحت کاتي موجب ڪورونا وائرس بابت ڪيل 165 ٽيسٽن جا نتيجا اچڻ اڃان باقي آهن.

سنڌ:

سنڌ جي صحت واري کاتي جي ترجمان موجب اڄ سنڌ ۾ ڪورونا وارئس جا هن وقت تائين 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو انگ 421 ٿي ويو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته نون ڪيسن مان ڪراچي ۾ وڌيڪ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جهن کان پوءِ رڳو ڪراچي ۾ ڪيسن جو انگ 153 ٿي ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد مان به هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ هڪ مريض دادو ۾ علاج هيٺ آهي.

ترجمان جو چوڻ حو ته حيدرآباد جو متاثر مريض برطانيا مان آيو آهي.

سنڌ ۾ 14 ڄڻا ان مرض مان صحتياب ٿيا جنهن مان 13 جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو حيدرآباد سان آهي جڏهن ته هڪ مريض لاڏاڻو ڪري چڪو آهي.

ترجمان موجب ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو جي گڏيل 156 مان 102 ماڻهن ۾ وائرس جي مقامي طور تي منتقلي ٿي.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 2 نون ڪيس سامهون آيا جڏهن ته 2 مريض صحتياب ٿي ويا جن کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.

ڊپٽي ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ڊاڪٽر جاويد اقبال تصديق ڪئي آهي ته ميڊيڪل بورڊ معائني کان پوءِ ٻنهي کي اسپتال مان فارغ ڪيو، صحتياب ٻنهي مريضن جو تعلق ڳوٺ منگاهه سان آهي ۽ ٻئي ڄڻا فوت ٿيل شخص سعادت خان سان گڏ عمرو ڪري آيا هئا.

خيبرپختونخواهه ۾ اڄ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 123 ٿي ويو آهي.

خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي موجب 2 نوان ڪيس اپردير مان سامهون آيا.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ اڄ 7 نوان ڪيس مثبت آيا آهن. گلگت بلتستان جي سڌُ سماءَ واري صلاحڪار شمس مير ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضڻ جو انگ 91 ٿي ويو آهي.

سڌُ سماءَ واري صلاحڪار ٻڌايو ته نون سمورن 7 مريضن جو تعلق ضلعي اسڪردو سان آهي.

گلگت ۾ ڪالهه وڌيڪ 2 مريض صحتياب ٿيا هئا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب مريضن جو انگ 6 ٿي ويو هو.

آزاد ڪشمير:

ميرپور آزاد ڪشمير ۾ هڪ ٻئي ڪيس ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر طاهر ممتاز موجب 37 سالن جو متاثر مريض 17 مارچ تي برطانيا مان آيو هو ۽ ان کي ٻه ڏينهن اڳ آئسوليشن ۾ منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.