ڪنڌڪوٽ ۾ لاڪ ڊائون، سماجي تنظيم غريبن ۾ راشن ورهايو

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ۾  ٽئي ڏينهن تي به مڪمل لاڪ ڊائون، جنهن ڪري شهر جي اندر سمورو ڪاروبار بند رهيو،  جڏهن ته پوليس ۽ رينجرس اهلڪارن شهر جي اهم روڊن تي رڪاٽون رکي ڪري اچ وڄ جو رستو بند ڪري ڇڏيو،  صرف روز مرهه جو شيون جا دڪان به صبح کان شام 4 وڳي  تائين کليل رهيا، لاڪ ڊائون جي ڪري روڊ رستا ويراني ج ڏيک ڏئي رهيا آهن،  انهي لاڪ ڊائون سان روزاني ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ مزدور طبقو سخت پريشان آهي، سلائي ڪندڙ مستري، گهر ٺاهيندڙ مستري مزدور، رڪشو هلائيندڙ ، رنگ جا مزدور،  اناج منڊي ۾ ڪم ڪندڙ مزدور، هوٽلن تي ڪم ڪندڙ مزدور،  ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور، اخبار فروش، استري ڪري گذرسفر ڪندڙ مزدور سميت مختلف هنڌن تي روز ڪمائي روزکائيندڙ مزدور جي مدد ڪرڻ  لاءِ    شهر جي سماجي خدمت جو جذبو رکندڙ غلام مصطفي ميراڻي، بشير احمد ميراڻي،  امداد الله کوسو، آڪاش مصطفي ، ڪامريد عباس باجڪاڻي، ۽ ٻين پنهنجي سماجي رابطن جي اڪائونٽن ۾ لکيو ۽   ڳالهيندي چيو ته هي انتهائي ڏکيو وقت آهي جنهن ڪري اسان جي ضلعي جي واپارين سرمائيندڙن کي انسانيت جي ناتي مزدور ، روز ڪمائي روز کائيندڙ غريبن جي لاءِ اڳتي اچڻ  جي ضرورت آهي. ٻج ڀاڻ  جي ڪمپني ڪومل پاران شهر جي اندر 100 غريب مسڪين خاندانن ۾ ڪمپني جي عملدار محمد مراد سهرياڻي  ۽ ڊيلر پاران گهر گهر وڃي پهچايا ويا، جڏهن ته سهرياڻي اتحاد پاران جهنگل خان سهرياڻي،  داد محمد سهرياڻي ۽ ٻين پاران ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ سهرياڻي برادري جي مزدور طبقي جي ماڻهن  کي انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت راشن ورايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.