ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ راشن نه مليو، ڪيترائي غريب خاندان بکارا

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪورونا وائرس جي خوف سبب ٿرپارڪر ضلعو مڪمل طور تي چئن ڏينهن کان لاڪ ڊائون کي منهن ڏيئي رهيو آهي،سمورا شهر مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ڪلوئي،ڏانو،ننگر پارڪر،چيلهار بند پيل آهن،جن جون مارڪيٽون ويران بڻيل آهن،جنهن سبب عام طبقو وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي،سنڌحڪومت طرفان ڪيل لاڪ ڊائون واري فيصلي بعد جتي زندگي جو سمورو ڪاروهنوار ٺُپ ٿي ويو آهي. ٿر جي 26 سئو ڳوٺن جا لکين پورهيت بيروزگاري بعد گهرن تائين محدود ٿي ويا،شهرن سميت مختلف هنڌن تي ڏهاڙي تي پورهيو ڪري گهرن جو گاڏو هلائيندڙ پورهيت مسڪين بيروزگار ٿي ويا آهن،جنهن سبب غريب مسڪين خاندانن جي معاشي صورتحال انتهائي خراب ٿي ويا آهن،جن وٽ هڪ کان ٻن ڏينهن جي کاڌي جيترو سامان خريد ڪرڻ جي بہ سگھ يا ڏوڪڙ ناهن،اُهي خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،جن کي هنگامي بنيادن تي رليف ڏيڻ جو ڪوبہ بندوبست ناهي ڪيو ويو،شهر مڪمل طور تي بند هجڻ ۽ شهر ۾ عام ماڻهن جي اچ وڃ تي بندش هجڻ سان گڏ ٽرانسپورٽ معطل هجڻ ڪري ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي ويا آهن،حڪومت کي گهرجي تہ هنگامي بنيادن تي مستحق خاندانن کي هڪ هڪ مهيني جو مفت راشن فراهم ڪيو وڃي. اسپتالن ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي دوائون اڻپوريون هجڻ ڪري سخت کوٽ پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو،آخري پساهن ۾ ساھ کڻندڙ سنڌ جي صحت کاتي لاءِ صورتحال کي منهن ڏيڻ چئلنج بڻجي ويو آهي.،جنهن تي ڌيان ڏيڻ سميت دوائون سمورين اسپتالن ۾ پهچائڻ جي ضرورت آهي،مڪمل طور تي جيڪڏهن اوچتو صورتحال وڌيڪ خراب ٿي پئي تہ عوام کي هڪ گوري بہ نصيب نہ ٿيندي،جڏهن تہ صحت کاتي پاران رڳو ڪورونا وائرس تي ڌيان ڏيڻ بعد باقي بيمارين ۾ مبتلا مريض ڏچي ۾ اچي ويا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.