سکر قرنطينه سينٽر مان شهدادپور واسي گهر پهچي ويا

شھدادپور (ن ع آ)سکر جي قرنطينه سينٽر ۾ ڪورونا وائرس سبب ايران کان زيارتن تان واپس پھتل  10ڏينھن رھايل  زائرين مان شھدادپور شھر جي سوائي روڊ  جا ماءُ پٽ زاھدہ پروين ملاح پٽ نور نبي ملاح ۽ غلام رضا ملاح گھر  پهچي ويا واپس پهچي ويل زائرين جي ڪورونا وائرس رپورٽس نگيٽيو اچڻ کان پوءِ کين سکر جي قرنطينه سينٽر مان واپس سانگھڙ پھڇائي بعد ۾ کين پنهنجن شهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت نامو ڏئي موڪليو ويو آھي  شھدادپور جي سوائي روڊ پھتل زائرين جي اڳواٽ انتظار ۾ بيٺل سندن وارثن زارو قطار روئڻ لڳا جڏهن ته سمورن زائرين کي ڏهن ڏينهن تائين گهرن ۾ آئسوليشن ڪري الڳ الڳ ڪمرن ۾ رکيو ويو .جڏهن ته شھدادپور جي سوائي روڊ پھتل زائرين جي وارثن ذوالفقار ملاح آصف نبي ملاح ٻڌايو ته حڪومت طرفان کين ھڪ مھيني جو اعلانيل راشن کين ھڪ ڏينھن جو به راشن اڃا تائين نه مليو آھي رابطو ڪرڻ باوجود نه ساڻن ڪنھن رابطو ڪيو آھي پھتل زائرين کي اسان پاڻ ئي گھرن ۾ الڳ الڳ ڪمرن ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آھي زيارت تان موٽيل غلام رضا ملاح ٻڌايوته تافتان باڊر تي11ڏينهن تان بي يارومددگاربئڻيل هئاسين ڪنهن به سارنه لڌي جڏھن ته سکر قرنطينا ۾ سٺو کاڌو ۽ سهولتون ميسر هئيون سيد مرادعلي شاه جس لهڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.