قاضي احمد ۾ ٽرئفڪ جي آمدرفت گهٽ، اڪثر مارڪيٽون بند

قاضي احمد (ن ع آ)سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي بچاءُ لاءُ سنڌ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون سبب قاضي احمد شھر توڙي آسپاس ۾ ٽئين ڏينهن به ڪرفيو جھڙو سماء رهيو چند ڪرياني ء ميڊيڪل اسٽورز کان سواءِ اڪثر مارڪيٽون بند رهيون، ٽريفڪ جي آمدرفت پڻ گھٽ نظر آئي، اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد عبدالقدير گجر ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد حسين علي کرل شھر جو وزٽ ڪندا رهيا، مارڪيٽون بند رهڻ سبب روزاني اجرت تي ڪمائيندڙ پورهيت سخت پريشان اڪثر گھرن ۾ فاڪا ڪشي سبب چلھ نه ٻري، سرڪار پاران سار نه لھڻ سبب گھرن ۾ روزن جهڙو ماحول ڇانيل جڏهن ته علائقي جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي خان محمد ڏاھري، ايم اين اي سيد مير غلام مصطفيٰ شاھ توڙي ضلع چيئرمين ڄام تماچي انڙ پڻ غريب ماڻھن جي ڪا سار نه لڌي، نه وري مختلف سياسي اڳواڻن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، فنڪشنل اڳواڻ سيد آصف علي شاھ جيلاني، پي ٽي آئي اڳواڻ گل محمد رند انھن مسڪينن جي گھر جو چلهو ٻاريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.