سانگهڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار الرٽ، لاڪ ڊائون ڪامياب

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به وڏي وزير جي حڪم تي عمل درآمد ڪرائيندي ايم جناح روڊ، نوابشاهه روڊ، ميرپور خاص روڊ تي رينجرز ۽ پوليس جي جوانن بناضروري کليل دڪانون بند ڪرائي شهرين کي سخت هدايتون ڪيون ته اهي وڌ کان وڌ سهڪار ڪن. جڏهن ته شهر جي مختلف راندين جي گرائونڊ مان ڪيتري ئي رانديگرن کي ڀڄائي ڇڏيو سندس چوڻ هو ته عوام سمجهڻ جي ڪوشش ڪري مارڪيٽ، راندين جي گرائونڊن ۾ هجوم نه ڪن انهن ۾ ئي سندس ڀلائي آهي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايس پي سانگهڙ جا سخت احڪامات آهن اسان جا جوانن ڏينهن رات الرٽ آهي شهرين جي ڀلائي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.