ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ رونالڊو ۽ ميسي به ميدان تي لهي آيا

لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڪورونا وائرس خلاف جاري جنگ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ليونل ميسي ميدان تي لهي آيا ۽ متاثرن جي مدد لاءِ هڪ، هڪ ملين يورو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ بعد اسٽار فٽبالر به انساني همدردي جي جذبي تحت سامهون اچي رهيا آهن، اسپين ۾ ڪورونا سبب مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي، ان صورتحال ۾ بارسلونا ڪلب جي نمائندگي ڪندڙ ليونل ميسي به پوئتي نه رهيو، هن پاران ڏنل هڪ  ملين يوروز جي رقم بارسلونا جي اسپتال، ڪلينڪ ۽ ٻين ميڊيڪل سينٽرز ۾ خرچ ڪئي ويندي.  پرتگال ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن، اسٽار فٽبالر پاران به خصوصي علاج لاءِ يونٽس ٺاهيا ويندا، ان ۾ هڪ 15 بيڊن تي ٻڌل هوندو جڏهن ته ٻيا 10،10 بيٽن تي ٻڌل يونٽس هوندا. انگلش فٽبال ڪلب مانچسٽر سٽي جي مينيجر پيپ گارڊيولاني به هڪ ملين يورو عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاران اڌ پگهار ڪورونا فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ پنهنجي پگهار جو اڌ حصو عطيو ڪري ڇڏي. بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جا  سمورا رانديگر پنهنجي ماهانا پگهار جو اڌ حصو حڪومت سان گڏ ڪورونا وائرس جي فنڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهن ته جيئن ان عالمي وبا جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. ان حوالي سان بنگالي رانديگرن جو چوڻ آهي ته هن وقت پوري دنيا عالمي وبا کان وڙهي رهي آهي، اها وبا بنگلاديش ۾ به تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن سبب اسان سمورا رانديگر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کان بچاءُ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. رانديگرن چيو ته اها رقم اٽڪل 27 لک ٺهي ٿي، جيڪا ممڪن آهي ته ان جنگ لاءِ ڪافي نه هجي پر اسان سڀ گڏجي پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪنداسن ته ان سان مقابلو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 39 ٿي چڪو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ثانيا مرزا مزدورن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا روزانو ڏهاڙي ڪمائيندڙن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي. ثانيا مرزا مزدورن لاءِ خوراڪ ۽ روز استعمال ٿيندڙ ضروري شين جو اهتمام ڪندڙ فلاحي تنظيم کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو ته خوشقسمتي سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ اسان گهر ۾ ويهي به سمورين سهولتن کان فائدو کڻڻ جي اهليت رکون ٿا، پر اسان کي انهن ماڻهن بابت به سوچڻ گهرجي جن ۾ ايتري سڪت ناهي، لاڪ ڊائون جي ڪري لکين ماڻهو پنهنجي خاندانن کي کاڌو نٿا ڏئي سگهن، اسان کي انهن جي باري ۾ به سوچڻ ۽ پنهنجي اهليت ۽ حيثيت موجب مدد ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.