`لاڙڪاڻي ۾مڪمل لاڪ ڊائون، روڊ صاف ڪري لائوڊ اسپيڪرن تي گهرن ۾رهڻ لاءِ پڙها

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون سبب شهر جا مُک توڙي ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا ۽ شهر جي سمورن روڊن تان ٽريفڪ غائب ٿي وئي جنهن ڪري شهر جا سمورا روڊ رستا ويرانيءَ جو ڏيک ڏيندا رهيا، لاڪ ڊائون سبب شهر جي جناح باغ چوڪ، پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، اسٽيشن روڊ، رائل روڊ، لاهوري محلا، اتاترڪ ٽاور، ايئرپورٽ روڊ، اوٺا چوڪ، قمبر روڊ، نئون ديرو روڊ سميت ٻين مُک روڊن تي پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو جيڪي سڄو ڏينهن سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندي نظر آيا. جڏهن ته پاڪ فوج ۽ رينجرز طرفان شهر جي اڪثر علائقن جو گشت ڪندي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش پڻ شهر جو دورو ڪري ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ ڊيوٽين تي موجود اهلڪارن کان معلومات وٺندي کين لاڪ ڊائون دوران سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. لاڪ ڊائون جي ٽئين ڏينهن به ڪجهه شهرين گهرن مان نڪري موٽرسائيڪل تي سوار ٿي شهر ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي ڊيوٽين تي موجود پوليس اهلڪارن لٺيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو. هوڏانهن لاڪ ڊائون سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم سبزين، ڀاڄين، ڪرياني ۽ ميڊيڪل اسٽور جا دڪان کليل رهيا جتان وقفي وقفي سان ضرورتمند شهرين گهرن مان نڪري خريداري پڻ ڪئي. ميئر ميونسپل ڪارپوريشن جي هدايتن تي عملي طرفان لاڪ ڊائون دوران شهر جي پاڪستاني چوڪ، جناح باغ، بندر روڊ، اسٽيشن روڊ سميت ٻين مُک روڊن جي صفائي ڪرڻ سان گڏ روڊن کي پاڻي سان صاف ڪيو ويو. لاڪ ڊائون دوران اداره خدمت معصوم جي سربراهه حاجي انور علي کوکر پاران گاڏي ۾ سوار تي پاڪ ڪتاب کڻي شهرين کي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت آگاهي ڏني ۽ روئي شهرين کي هدايت ڪئي ته هو ڪرونا وائرس کان بچڻ لاءِ پنهنجي گهرن ۾ عبادت ڪرڻ سان گڏ خصوصي دعائون گهرن ته جيئن هن وبا کان بچي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.