چيلهار ٽائون ڪاميٽي پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ شهر ۾ اسپري ۽ صفائي ڪرائي وئي 

چيلهار (ن ع آ )چيلهار م ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۽ ڪرونا وائرس کان بچاء لاء  شهر م  چيلهار ٽائون ڪاميٽي  چيئرمين پرديپ مهراج  پاران شهر جي گهٽين ۽ چوڪ تي صفائي ڪرائي وئي  ۽ فائربرگيڊ گاڏي سان  مسجدن ۽ مندرن کي صاف پاڻي  سان صفائي ڪرائي  ويئي ۽ شهر جي چئني وارڊن تي اسپري  ڪريو ويو. ۽ ٽائون چيئرمين  پرديپ مهراج  ڪرونا وائرس کان بچاء لاء  شهر م  آگاھي ڏيندي چيو ته  رھواسين کي گھرجي ته حڪومت جي ڪيل لاڪ ڊائون جي اعلان تي عمل ڪري پنھنجن گھرن ۾ رھن ۽ ميڙاڪن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ڇو ته ڪورونا وائرس ھڪ خطرناڪ وبائي بيماري آھي جنھن کان بچڻ لاء وڌ کان وڌ احتياط ڪري ئي ڪورونا جي موذي مرض کي شڪست ڏيئي سگھجي ٿي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني شهرين  جي رھواسين جي ھر ڏک سک ۾ گڏ آھيون ۽ ھر طرح جو اسان جو توھان سان سھڪار رھندو.ٻئي پاسي پوليس سيڪيورٽي پاران انتظام سخت ڪيا ويا ۽ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون جي ڪري غريب پورهيت گهرن تائين محدود رهيا,۽ چيلهار پوليس پاران گهرن تائين رهڻ جو گشت ڪندا ويا

سوڀي ديري ۽ ڀرپاسي چرپر بند، مڪمل لاڪ ڊائون

سوڀوديرو (ت ر) اڄ ٽئي ڏينھن بہ سنڌ حڪومت جي سخت ھدايتن تي ڪورونا وائرس جي روڪڻ لاء اي سي سوڀوديرو مزمل حسين ٻگھيو۔ آرمي ڪيپٽن اساما۔ ايس ايڇ او قاضي محمد فوج۔رينجرس۔پوليس جي نفري ساڻ ڪري  سوڀوديرو ، سڳيون ، نواڙوشريف ، سختي سان عمل ڪرائيندي سڀني شھرن ۾ مڪمل لاڪ ڊائو نظر اچي رھيو آھي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کليل دڪانن کي به محدود ڪيو ويو آھي شھرن جي  مک چوڪن تي   پوليس اھلڪار  مقرر آهن، جڏهن ته سوڀوديرو ، سڳيون ، نواڙوشريف ۽ ٻين شھرن جي مسجدن ۽ گھرن ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي ۽ ملڪ جي سلامتي  لاءِ اجتماعي دعا ئون گھريون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.