ٽنڊي حيدر ۽ ڀرپاسي سرن جا بٺا هلندڙ

ٽنڊوحيدر(ن ع آ) ٽنڊو حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل لاڪ ڊائون جي حڪم باوجود بٺي مالڪن 144 واري قلم کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، پورهيتن کي گهر ويٺي اجورو ڏيئڻ بجائي جبري پورهيو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته معصوم ٻارڙن سميت مرد عورتون پيٽ گذر لاءِ مسلسل بٺي تي مزدوري ڪرڻ لاءِ مجبور آھن، ڪروڙين رپيا ڪمائڻ وارن بٺي مالڪن غريب پورهيتن کي ڪنهن به قسم جي سهولت نه ڏني جيئن ته بٺي تي پورهيو ڪندڙ سليم، رياض پنجابي، وقار کوسو،  گلشير ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود اسان کي بٺي مالڪن پاران موڪل نه ڪرائي وئي آھي جيئن ته اسين معمول مطابق ٻارن سميت مرد توڙي عورتون پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪري رهيا آھيون، ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙ بٺا مالڪن اسان کي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت نه ڏني آھي، غريب آھيون مزدوري نه ڪنداسين ته ٻچا بک مرندا، جڏهن ته سنڌ گورنمينٽ پاران گهر گهر ملندڙ راشن به اسان کي نه ملي سگهيو آھي، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته گورنمينٽ پاران لڳايل پابندي تي عمل ڪرايو وڃي ته جيئن اسين ڪورونا جهڙي موذي مرض کان بچي سگهون. ۽ بٺا مالڪن مٿان سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي جبري پورهئي کان بچايو وڃي ته اسين ٻين انسانن وانگر سڪون جي زندگي گذاري سگهون جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پٻڻ امتياز لاڙڪ ٻڌايو ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي هدايت تي مختلف  علائقن ۾ بٺا مالڪن کي پابند ڪيو ويو آھي جيڪي اڄ تائين پنهنجون سرگرميون ختم ڪري ڇڏيندا ۽ خلاف ورزي ڪرڻ واري خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.