کاڌي پيتي جي شين ۾ رعايت ڏني وڃي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته مذھبي جماعتن جي تبليغين کي روڪيو وڃي، جيستائين ڪرونا وائرس جو خطرو آھي ان وقت تائين انساني چرپر بيماري جو خطرو موجود رکندي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ لاڪ ڊائون واري صورتحال جو فائدو وٺي شھرن مان گندگي جو خاتمو آندو وڃي، افسوس آھي جو اڃا تائين شھرن جون گھٽيون گندي پاڻي ۾ ٻڏيون پيون آھن ۽ چوراھن ۽ روڊن تي ڪچري جا ڍير پيا آھن، صفائي جو نظام نه ھجڻ ڪري ڪيتريون ۽ بيماريون پکڙجي رھيون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪي ماڻھو پابندين ۽ بار  جص ھدايتن باوجود گھرن ۾ نٿا ويھن اھي ٻين جي زندگين سان کيڏي رھيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري۔ کاڌي پيتي جي سامان تي سبسڊي ڏئي اٽو 10 روپيا في ڪلو، چانور 20 روپيا ۽ ڪوڪنگ آئل 20 روپيا ڪلو، کنڊ به سستي ڪئي وڃي ته جيئن سڀ ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھن۔اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي ڪندڙ واپاري بي حسي جو مظاھرو ڪري رھيا  آھن۔ مصيبت وارين حالتن ۾ منعافي خوري بند ڪئي وڃي۔ ھن چيو ته سمورين اسپتالن ۾ وينٽيليٽر ٻيو ضروري سامان وٺي رکيو وڃي ته جيئن خطرناڪ صورتحال جڙڻ وقت انساني زندگيون آساني سان بچائي سگھجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.