سجاول ۾ ايس ايس پي جو ڪورونا بابت صحافين سان اجلاس

سجاول (ڊ ر) ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي صدارت ھيٺ سجاول جي صحافين سان اجلاس ڪيو ويو، جنھن ۾ ايس ايس پي چيو ته اسان جي  صوبي  ۾ ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض ھئا، جنھن تي سنڌ حڪومت وڏي جدوجھد ڪري ڪنٽرول ڪيو آھي، صوبي ۾ 144 لاڳو آھي، جنھن جو اسان سڀني کي حڪم مڃڻو آھي، ڊبل سواري تي پابندي لڳائي وئي آھي، صحافي برادري ڪوريج ڪرڻ وقت ھجوم ۾ نه بيھن، ھجوم کان پاسو ڪن، ماڻھن کي گھرن تائين معدود رکيو ويو آھي..صحافي ڀائر ڪوريج وقت پنھنجي اداري جو ڪارڊ پاڻ وٽ رکن.۽ تعلقه اسپتال سجاول نه وڃن اتي ڪابه خبر آھي ته ان لاء اسان اتي ھڪ ماڻھو مقرر ڪيو آھي. ان سان رابطو ڪندا اھو ان بابت بريف ڪندو.

راڌڻ ۾ لاڪ ڊائون، ڊبل سواري ڪندڙن جون موٽرسائيڪلون ضبط

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ۾ ڪورونا وائرس جهڙي موتمار وائرس سبب ملڪ جي موجوده صورتحال مطابق پوري پاڪستان سميت راڌڻ ۾  به مڪمل لاڪ ڊائون رهيو ايس ايڇ او راڌڻ منظور مستوئي پاران شھر ۾ گشت ڪندي کليل دڪان بند ڪرايا ۽ فضول گهمندڙ ماڻھن کي سخت احڪام جاري ڪندي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ايس ايڇ او راڌڻ سارو ڏينهن شھر ۾ مختلف جڳهن تي الرٽ رھيو ۽ موٽر سائيڪل تي ڊبل سواري خلاف قدم کڻندي ڪيئي موٽر سائيڪلون ٿاڻي پهچايون راڌڻ پوليس جي اهڙي ڪارڪردگي تي شھرين ۽ ساڃاه وندن پاران ايس ايڇ او راڌڻ منظور مستوئي جي ساراه ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او راڌڻ هڪ بهترين پوليس آفيسر آهي جنهن راڌڻ ۽ ڀرپاسي  ۾ امن امان واري صورتحال کي بهتر بنايو آهي. ۽ موجوده حالاتن ۾ به راڌڻ پوليس پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهي آهي.

مقصودي رند ۽ ڀرپاسي لاڪ ڊائون تي مڪمل عملدرآمد، ڪاروبار بند

مقصودورند (ن ع آ) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جيان مقصودورند ،لنڊو ،معروف ڏاهري ۾ به لاڪ ڊائون جاري رهيو  ۽ شهر ۾ عام واهپي ۽ پيٽرول پمپ کان علاوه ٻيو سمورو ڪاروبار بند رهيو عوام گهرن تائين محدود رهي جڏهن ته لنڊو ۽ مقصودورند پوليس پاران مختلف چوڪن حيدر چوڪ ،حسيني چوڪ ،علمدار چوڪن تي گشت جاري رکيو ۽ ڊبل سواري تي عمل ڪرايوويو ۽ رش ڪندڙن کي منتشر ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.