کرڙاھ ۾ اي سي ٺري ميرواھه جو دورو، وڌيڪ اگھه وٺڻ تي 2 پيٽرول پمپ سيل

کرڙاھه (ن ع آ)کرڙاھه ۾ اسسٽنٽ ڪمشر ٺري ميرواھه اعجاز علي هاليپوٽي پاران کرڙاھه شهر جو اوچتو دورو ڪيو، ڪريانه، سبزي جي دڪاندارن کان ريٽ معلوم ڪيا، جڏهن ته پيٽرول پمپن تي واڌو ريٽ لڳل هجڻ سبب 2 پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا سبب اڳ ۾ ئي عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آھي، روزاني جي شين جا اگهھ هٿرادو وڌائي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻايو پيو وڃي، وڌيڪ ريٽ وٺندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،  جڏهن ته پيٽرول پمپ وارا عوام سان ظلم ڪري رهيا آهن،. جيڪي به پيٽرول پمپ عوام کان وڌيڪ اگھه وٺندا انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انهن کي سيل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.