قومي نظم و ضبط ۽  ٻڌيءَ جي ضرورت هن وقت سڀ کان اهم آهي.: محمد فائق شاهه 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) امن ترقي پارٽي جي چيئرمين محمد فائق شاهه چيو آهي ته قومي نظم و ضبط ۽  ٻڌيءَ جي ضرورت هن وقت سڀ کان اهم آهي.امن ترقي پارٽي جي چيئرمين محمد فائق شاهه مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ڪارڪنن ۽ مرڪزي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته قومي نظم و ضبط ۽  ٻڌيءَ جي ضرورت هن وقت سڀ کان اهم آهي پاڪستان جي قرارداد انهيءَ اتحاد جو درس ڏئي  ٿي نوجوان قائد اعظم ۽ علامه  اقبال جي مشن کي مڪمل ڪن. هن چيو ته امن ترقي پارٽي انهيءَ مقصد جو ملڪ گير پليٽ فارم آهي. حب الوطني ۽ وبائي آفت اسان جي ٻڌيءَ کي نٿي ٽوڙي سگھي.. سندس چوڻ هو ته نوجوان پاڪستان جو پيغام کڻي عوام سان گڏ هوندا اڄ جنهن وبا دنيا کي وڪوڙي ڇڏيو آهي هڪ وحدت ۽ ٻڌي ئي ان کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.  امن ترقي پارٽي جي چيئرمين  چيو ته اسان جي پارٽي ٻڌيءَ جي سفير آهي اسان جو ملڪ نوجوانن جي طاقت سان هر جنگ کٽي سگھي  ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.