نواب ولي محمد ڀرسان عورت مبينا قتل، ساهرن تي ڦاهي ڏئي مارڻ جو الزام

نواب ولي محمد (رپورٽ: عرفان چانڊيو) نواب ولي محمد ڀرسان علي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي عبدالرحيم اوٺو ۾ مبينا 35 سالا عورت شهميران اوٺو قتل ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي علي آباد ٿاڻي جي وڏي منشي اشفاق آرائين ٻڌايو ته عورت جي ڳچي تي رسي جو نشان آهي، جيڪا کٽ تي پئي هئي، عورت جو مڙس غلام مصطفا اوٺو پوليس تحويل ۾ آهي، سندس چوڻ آهي ته زال خودڪشي ڪئي آهي، سندس پيءُ عبدالستار اوٺو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌيَ کي ڏيرن نظير، محمد هاشم ۽ ٻين ڳچي ۾ رسو وجهي قتل ڪرڻ بعد ڦاهي ڏني آهي، ڌيءَ جي فوتگي جو اطلاع هنن کي ڏنو ، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ دولت پور اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.