غوثپور لڳ هٿياربندن جا گهرن تي حملا، فائرنگ، مظاهرو

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ۾ ميراڻي برادري جي ماڻهن جو پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو، سخت نعريبازي، ان موقعي تي  محمد علي، معشوق علي، شمن علي،  شھنواز ميراڻي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته   ڀيا برادري جي ماڻهن  بااثر شخصيت جي مدد سان اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، چوري جو ڪوڙو ڊرامو ڪري ھوائي فائرنگ ڪري اسان مٿان الزام لڳائي رهيا آهن،   اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ڪجھ وقت  اڳ ڀيا برادري جي ماڻهن  اسان جي گهرن مان مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.