ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر/س ر)  ڪنڌ ڪوٽ لڳ پوليس ٿاڻي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ  لشڪر خان کوسو جي رهواسي نوجوان 25 سالن جو نديم کوسو پٽ عبدالغفور کوسو جيڪو هڪ ڏينهن اڳ  گهر مان نڪري ويو، جنهن جو انهي علائقي ۾  پل وٽان وڻ  ۾ ٽنگيل لاش مليو،  جنهن کي ڏسي  حد جي پوليس کي علائقي واسين اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي ڪري لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ  معلوم نه ٿئي سگهيو آهي، پوليس مطابق ته جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.