گهوٽڪي ويجهو معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي

گھوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لڳيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔خبرموجب گهوٽڪي جي رحموالي محلي ۾ عارباڻي ۽ راجپوت برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو  ٿي پيو لٺيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔زخمين ۾ مسمات سميرا راجپوت،مسمات صبحا راجپوت،ڪامران علي،امجد علي ,۽ مجيب الرحمان راجپوت شامل آھن جن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ٻي پاسي راجپوت برادري جي عورتن جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪندي چيو آهي ته عارباڻي برادري جي ماڻهن احمدالدين عارباڻي،نظام الدين عارباڻي ۽ ٻين گھر ۾ داخل ٿي  عورتن ۽ مردن مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ ڀنڃ ڊاھ ڪئي هنن چيو ته اسان جي عورتن سميت ست ڄڻا سخت زخمي ٿيا آھن پر اي سيڪشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان جي نوجوان حشام راجپوت کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي۔احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس واران کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.