ڪرمپور ۾ هٿياربندن جي آئل ٽينڪر تي فائرنگ، ڊرائيور قتل، ڪلينر اغوا

ڪرمپور/غوثپور (عبدالغفار اوڳاهي+ ثناءُ  الله بجاراڻي) ڪرمپور لڳ انڊس هاءِ وي تي الاهي بخش لاڙي وٽ ڌاڙيلن جي ڪاھ، هٿياربندن پاران آئل ٽينڪر کي روڪڻ جي ڪوشش ڊرائيور پاران گاڏي نه روڪڻ تي ڌاڙيلن هٿيارن جا منهن کولي  ڇڏيا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور حفيظ الله پٺاڻ مارجي ويو، هٿيابند ڪلينر محمد ذوهيب کي اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته ٽينڪر روڊ کان هيٺ ڪري ڪلٽي ٿي پيو، هٿياربندن پاران روڊ تي ڇتي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙجي ويو، اطلاع ملڻ کان پوءِ ايس ايڇ او ڪرمپور ۽ ڊي ايس پي عبدالحق قريشي نفري سميت واقعي واري هنڌ پهتا جنهن کان بعد پوليس مقتول ڊرائيور جو لاش غوثپور اسپتال منتقل ڪيو ويو،ايس ايڇ او ڪرمپور غلام سرور ٻرڙو ٻڌايو ته اسان گشت ڪري رهيا هئاسين ته هٿياربندن الاهي بخش لاڙي وٽ فائرنگ اسان به پهتا سين ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيور جو لاش گاڏي ۾ پيل هو. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن گاڏي مان هڪ وڌيڪ ڪارڊ ذوهيب نالي سان مليو آهي شڪ آهي ته اهو ڪارڊ ڪلينر جو آهي، جنهن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، هٿياربند ڪچي جي ڳڙھي تيغو واري علائقي ڏانهن فرار ٿي ويا آهن فوت ٿيل ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪوهاٽ جا رهواسي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.