نوابشاهه ويجهو فائرنگ ۾ 2 ڀائر مرڻينگ، حالت ڳڻتي جوڳي

نوابشاهه(ڊ ر) سونهري فارم ڀرسان ڳوٺ حاجي الهه ڏتو جتوئي ۾ ڪڻڪ جا آڀو پٽڻ تان هڪ ڌر جو ٻي ڌر مٿان هٿيارن سان حملو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل ٻه ڀائر 40 ورهين جو محمد حنيف جتوئي ۽ 28 ورهين جو زاهد علي جتوئي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي محمد حنيف جتوئي جو هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن ان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ آپريشن کانپوءِ محمد حنيف کي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي انهي سلسلي ۾ زخمي زاهد علي ٻڌايو ته سندس چئن سالن جي پُٽ جنسار علي ڪڻڪ جا سنگ آڀون بچائڻ جي لاءِ عبدالله جتوئي جي زمين مان پٽيا جنهن تان عبدالله جتوئي ۽ ان جا پُٽ عاشق علي، معشوق علي، محمد حسن ۽ قربان علي ناراض ٿي پيا انهن ٻارڙي کي تشدد جو نشانو بنايو ۽ اسان کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي هن ٻڌايو ته اسان عاقب جتوئي جا هاري آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.