نواب شاهه ۾ بک ۽ بدحال ٿيل پورهيت روڊن تي نڪري آيا، امداد جي اپيل

نوابشاهه(ڊ ر) بک کان بي حال ٿي نوابشاهه جا پورھيت روڊن تي نڪري آيا ۽ امداد جي اپيل ڪندا رهيا، انھيءَ سلسلي ۾ ڄام صاحب روڊ جي مڪراني پاڙي جا رھواسي محمد عمر بلوچ، الهه داد بلوچ، جميل بلوچ، زين شاهه راشدي، شوڪت مغل، نور محمد بروهي، شير لاکو ۽ ٻين چيو ته هتي اسان سڀ پورهيت رهندا آهيون جنهن ۾ تغاري تي مزدوري ڪندڙ، ريڙهي هلائيندڙ، رنگ ڪندڙ ۽ هوٽلن تي بيراگيري ڪندڙ مزدور آهيون ۽ اڄ اسان مجبور ٿي ڪري ٻچن جون بک ۾ دانهون نٿا ٻڌي سگهون ان جي ڪري اسان احتجاج ڪيون ٿا، ھنن چيو ته اسان کان ووٽ وٺڻ وارا سڀ کان پهريان چوندا آهن ته توهان بلوچ ووٽ ڏيو ۽ ٻيا بعد ۾ ڏيندا ۽ ھينئر ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين پاران سڀ کان پهرين جيڪي پنهنجي برادري جا ماڻهو آهن انهن کي راشن ڏئي ٿو ۽ اسان جي ٻچن تي انهيءَ کي رحم نٿو اچي، ھنن وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان جي بکايل ٻچن تي رحم ڪري اسان کي راشن ڏنو وڃي ته جيئن اسان جا ٻچا زندهه رهي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.