ماتلي ۾ 2 عورتن سميت 4 ڄڻن کي ڪورونا جو شڪ

ماتلي (ت ر) ايران کان آيل ماتلي پھتل  ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي خدشي سبب تعلقي اسپتال ماتلي آندو ويو آهي جن کي آئسوليشن سينٽر ۾ رکيو ويو آهي. عارف علي سمون، فياض، سنيه ۽ خوشبو کي تعلقي اسپتال جي آئسوليشن سينٽر ۾ آندو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن پاران سندن چڪاس ڪيو پيو وڃي. اسپتال آندل ڪرونا جي امڪاني مريضن موجب ته سندن تفتان بارڊر تي قترينطيه ڪئمپ ۾ ڪرونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون ھيون جنهن ۾ کين ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي ان جي باوجود کين زبردستي ٻيھر آئسوليشن سينٽر ۾ آندو ويو آهي. ھوڏانھن ڊاڪٽرن موجب ته پوليس کين ڪرونا وائرس ھجڻ جي خدشي سبب آئسوليشن سينٽر ۾ آندو ويو آهي جتي سندن معمول مطابق طبعي معائنو ڪيو پيو وڃي. ڌاڪٽرن موجب ته اسپتال آندل سمورن امڪاني مريضن جو ٽيسٽون نه ٿيڻ تائين کين سندن گھرن اندر آئسوليٽ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.