برطانوي شهزادي کي بالي ووڊ گلوڪارا بيمار ڪيو؟

 

برطانيا جي شهزادي ايلزبيٿ جي وڏي پٽ پرنس چارلس جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق کانپوءِ مختلف خبرون گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته هو ڪنهن ڪنهن سان مليو.

ان صورتحال ۾ بالي ووڊ گلوڪارا ڪنيڪا ڪپور جو سڀ کان گهڻو نالو ورتو پيو وڃي، ڇو ته هوءَ به تازو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي آهي ۽ ڪنيڪا ڪپور ۽ پرنس چارلس جي ملاقات جي تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل به ٿي رهي آهي.

وائرل تصويرن ۾ ڪنيڪا ڪپور ۽ پرنس چارلس کي گڏ ڏسي ماڻهن مختلف تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پرنس چارلس جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي ذميوار ڪنيڪا ڪپور آهي، جڏهن ته ڪجهه ڀارتي واهپيدار اهو به چئي رهيا آهن ته ڪنيڪا، پرنس چارلس سان ملڻ کانپوءِ اها وبا ڀارت کڻي آئي آهي، ڇو ته ڪورونا جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان اڳ ڪنيڪا ڪپور لنڊن مان موٽي هئي.

سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرون ڏسي ڪجهه واهپيدار اهو به سوال ڪري رهيا آهن ته اها تصوير صيحيح آهي يا فرضي، هاڻوڪي آهي يا پراڻي؟

حقيقت اها آهي ته پرنس چارلس ۽ ڪنيڪا ڪپور جي جيڪا تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، اها هاڻوڪي نه پر جولاءِ 2015 جي آهي.

اها تصوير چيس آف ڪارنيول ذريعي هڪ چيريٽي فنڪشن جي آهي، جنهن ۾ ڪنيڪا ڪپور به شرڪت ڪئي هئي ۽ ان ئي دوران هن جي ملاقات پرنس چارلس سان ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.