ايل پي جي ٽينڪر ۾ باهه، 8 ڄڻا زخمي، 100 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون تباهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي شاهدره ۾ ايل پي جي ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ سبب 8 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا جڏهن ته پارڪنگ ۾ بيٺل 100 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ ڪيترائي رڪشا تباهه ٿي ويا.

پوليس موجب اِهو واقعو شاهدره ۾ پارڪنگ اسٽينڊ جي ڀرسان پيش آيو جتي هڪ ايل پي جي سان ڀريل ٽينڪر مان گيس ليڪ ٿيو ۽ پوءِ ڪنهن جي سگريٽ دکائڻ سبب ٽينڪر کي باهه وڪوڙي ورتو.

باهه لڳڻ سبب ٽينڪر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀرسان موجود پارڪنگ ۾ بيٺل 100 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ ڪيترائي رڪشا سڙي تباهه ٿي ويا.

ريسڪيو اهلڪارن موجب ايل پي جي ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ٽريفڪ وارڊن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي به ٿيا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي ايل پي جي ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ واري حادثي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.