ڪورونا ليبيا ۽ لائوس ۾ به پهچي ويو، يمن ۽ منگوليا محفوظ

جنگ، ڏڪار، بک ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ملڪ ليبيا ۾ به ڪورونا وائرس پهچي ويو ۽ حڪومت 25 مارچ تي پهرين ڪيس جي تصديق ڪئي.

ليبيا سان زميني سرحدون رکندڙ ملڪن مصر، الجزائر، سوڊان ۽ چاڊ ۾ ڪورونا جا ڪيس ڏيڍ مهينو اڳ ئي رپورٽ ٿي چڪا هئا ۽ اُتي تيزي سان ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن.

ليبيا به عالمي وبا جي تيزي سان پکڙجڻ کان پوءِ حفاظت بندوبست ڪندي پهرين کان ئي تعليمي ادارن ۽ واپاري مارڪيٽن کي به بند ڪيو ويو هو جڏهن ته ٻيا به ڪيترائي حفاظتي بندوبست ڪري رکيا آهن.

عرب خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته عالمي برادري طرفان تصديق ٿيل ليبيا جي حڪومت 25 مارچ تي ملڪ ۾ پهرين ڪورونا وائرس ڪيس جي تصديق ڪئي.

صحت واري وزير ڪورونا جي پهرين مريض جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر شخص سعودي عرب مان تازو ئي ملڪ پهتو هو ۽ مريض تيونس جي رستي ملڪ ۾ داخل ٿيو.

جتي ليبيا هاڻ پهرين ڪيس جي تصديق ڪئي، اُتي ئي جنگ جي شڪار ملڪ شام به ٽي ڏينهن اڳ پهرين ڪورونا ڪيس جي تصديق ڪئي هئي ۽ هن وقت تائين اُتي هڪ ئي ڪيس سامهون آيو آهي.

ليبيا جيان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ لائوس به ملڪ ۾ پهرين ڪورونا ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي.

لائوس جي پاڙيسري ملڪ چين، ٿائيلينڊ، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا ۾ به 3 کان اڍائي مهينا اڳ ئي ڪورونا ڪيس سامهون اچي چڪا هئا.

رپورٽ موجب حڪومت تصديق ڪئي ته 28 سالن جي مرد هوٽل ملازم ۽ 36 سالن جي ٽوئر گائيڊ عورت ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ ٻنهي کي علاج جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن جنگ جي شڪار ملڪ يمن ۾ 25 مارچ جي شام تائين ڪو به ڪورونا جو ڪيس سامهون نه آيو هو جڏهن ته يمن جي پاڙيسري ملڪ سعودي عرب ۽ عمان ۾ پهرين ئي ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

يمن جي موجود صحت واري عالمي اداري ڪورونا جي اُتي پهچڻ کان اڳ ئي ڪيل بندوبستن تي اطمينان جو اظهار ڪيو پر گڏوگڏ ئي صحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته يمن جو صحت جو نظام ايترو مضبوط ناهي جو هو ڪورونا جهڙي وبا جو مقابلو ڪري سگهن.

يمن جيان چين، روس ۽ قازقستان جهڙن ملڪن سان زميني سرحدون کولي رکيل ملڪن منگوليا ۾ به 25 مارچ جي شام تي ڪورونا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.