ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا ڪورونا وائرس جي نشاني تي هوندو..!

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي ترجمان مارگريٽ هيرس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جو ايندڙ مرڪز آمريڪا ٿي سگهي ٿو.

گڏيل قومن جي جنيوا آفيس کان ويڊيو پريس ڪانفرنس ذريعي پنهنجي بيان ۾ مارگريٽ هيرس چيو ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثرن جو انگ سڄي دنيا جي ڪيسن جو 85 سيڪڙو آهي، آمريڪا ايندڙ ڏينهن ۾ وبا جو ڳڙهه ٿي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرفيو ۽ قرنطينه جهڙا حفاظتي قدم وبا کي سست ڪري سگهن ٿا ۽ ان دوران صحت جي ادارن ۽ عملي کي تحقيق جو وقت ملي سگهي ٿو.

هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته ڪووڊ اوڻويهه سبب سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ وڏي پئماني تي وڌي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.