ڪورونا وائرس: سيد مراد علي شاهه جي وينٽي ليٽر ۽ ٻيو سامان خريدڻ جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 290 وينٽيليٽر، 3.2 ملين پرسنل پروٽيڪٽو اوزار 100، ريپڊڪٽ اينٽجن ٽيسٽ مشينن، 100000 ٽيسٽنگ ڪٽن، 50 آر ٽي ليمپ ٽيسٽنگ مشينن ۽ 10000 آر ٽي ليمپ ڪٽن ۽ 29 پورٽيبل ايڪسري مشينون خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت 28هين ٽاسڪ فورس اجلاس جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري، آئي جي پوليس، لاڳاپيل سيڪريٽريز، ڊبليو ايڇ او، آغا خان، انڊس اسپتال، ڪور5، رينجرز، پي ڊي ايم اي، ايف آءِ اي، ايئرپورٽ، سول ايوي ايشن جا نمائندا ۽ ٽاسڪ فورس جو فوڪل پرسن شرڪت ڪئي.

صحت کاتي ٻڌايو ته اسان وٽ فقط 484 وينٽيليٽرز آهن، جنهن مان 353 ڪم ڪري رهيا آهن، 52 خراب آهن، 43 اڃان لڳائڻا آهن ۽ 21 خريد ڪيا پيا وڃن.

جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسان کي ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 5000 وڌيڪ وينٽيليٽرن جي ضرورت آهي پر پهرين مرحلي ۾ هن 290 وڌيڪ وينٽيليٽرن جي خريداري جي منظوري ڏني.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چيني سائنسدانن کي تيار ڪيل ريپڊڪٽ اينٽيجن ٽيسٽ مشين (آر ڪي اي ٽي ايم) ۾ نمونا جانچڻ جو آسان نظام موجود آهي ۽ هي هڪ بهترين مشينن منجهان هڪ آهي. هي هڪ ڪلاڪ اندر 10 ٽيسٽ ڪندو آهي.

وڏي وزير 100 مشينون ۽ هڪ لک اينٽيجن ٽيسٽنگ ڪٽون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هينئر ئي حڪم جاري ڪري.

هن چيو آئون جلد کان جلد انهن جي فراهمي چاهيان ٿو. وڏي وزير آر ٽي ليمپ ٽيسٽنگ مشينن ۽ 10000 آر ٽي ليمپ ڪٽن جي خريداري جي پڻ منظوري ڏني ۽ مشينن ۽ ڪٽن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.