پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صحافين سان سهڪار ڪن: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب لاڪ ڊائون دوران فرض انجام ڏيندڙ صحافين سان خراب ورتاءَ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت صحافين تي ڪا پابندي ناهي لڳائي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ميڊيا ورڪرن سان سهڪار ڪن.

هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران صحافي پنهنجا فرض انجام ڏئي سگهن ٿا پر ان دوران صحافي احتياط ضرورت ڪن، احتياط ذريعي ئي ڪورونا وائرس جو خاتمو ڪري سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.