ڪورونا وائرس سبب 19 هزار کان وڌيڪ فوتگيون، 4 لک 35 هزار ماڻهو متاثر

ڪورونا وائرس جي سبب سڄي دنيا ۾ فوتگين ۽ متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري آهي جتي هن وقت تائين وائرس مان 19 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ۽ سوا 4 لک متاثر ٿي چڪا آهن.

اٽلي سميت سڄي دنيا ۾ فوتگين ۽ متاثرن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ جي ڪري سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو خطرو هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي.

جان هوڪنز يونيورسٽي جي انگن اکرن موجب هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ 19 هزار 625 ماڻهو ڪورونا وائرس جي ڪري موت جي ننڊ سمهي چڪا آهن جڏهن ته وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 35 هزار کان وڌيڪ آهي.

اٽلي اسپين ۾ تيزي سان فوتگيون جاري:

اٽلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ئي ڏنهن ۾ 743 ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار 820 ٿي ويو آهي جڏهن ته 69 هزار 176 ماڻهو ان وائرس جي ور چڙهي چڪا آهن.

اسپين ۾ به وائرس سبب فوتگيون ڏينهنون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن ۽ فوتين جو انگ چين کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي.

اسپين ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 738 ڄڻن جي تصديق ڪئي وئي جنهن ۾ هاڻ فوت ٿيلن جو انگ 3 هزار 434 ٿي ويو آهي.

چين ۾ وائرس سبب 3 هزار 163 ڄڻا فوت ٿيا.

اسپين ۾ هر ڪلاڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي رهيا آهن جنهن جي ڪري هن وقت تائين وائرس جي شڪار ماڻهن جو انگ 47 هزار کان وڌي چڪو آهي.

ٿائيلينڊ:

ٿائيلينڊ ۾ وڌيڪ 107 جي وائرس جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 934 ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ حڪومت ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جا خميس کان لاڳو ٿيڻ جا امڪان آهن.

ٿائيلينڊ ۾ لاڪ ڊائون جي اعلان کان پوءِ ملڪ ۾ موجود 60 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن.

ٿائيلينڊ جي گهرو وزارت جي موجب اختيارين ملڪ ۾ سمورا واپار ۽ شاپنگ مال بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ملڪ ۾ پنهنجون سموريون سرحدون به بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڪالهه 60 کان وڌيڪ پرڏيهي لاڪ ڊئاون کان اڳ پنهنجي وطن واپس پهچي ويا.

ڀارت ۾ سوا ارب آبادي لاڪ ڊائون ۾:

هوڏانهن ڀارت ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ سوا ارب کان وڌيڪ آبادي کي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي ۽ وزير اعظم نريندر مودي عوام کان گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڀارتي وزير اعظم ٽي وي تي پنهنجي خطاب ۾ اربع کان سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو.

ڀارتي وزير اعظم ملڪ ۾ ٿيل 10 فوتگين کان پوءِ ڪيل ان اعلان ۾ صحت جي نظام جي لاءِ 2 ارب ڊالر جي پيڪيج جو اعلان به ڪيو.

سنگاپور:

سنگاپور موجوده بحراني صورتحال ۾ هڪ سال کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن جي وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

سنگاپور ۾ چونڊون 2021 جي شروعات ۾ ٿيڻون آهن پر ڪورونا وائرس جي ڪري پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي وزيرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سيايس قيادت جي ضرورت آهي ان ڪري وقت کا اڳ چونڊون وقت جي ضرورت آهي.

جرمني ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ نوان ڪيس:

هوڏانهن جرمني ۾ وڌيڪ 4 هزار 191 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن سان ملڪ ۾ وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 31 هزار کان وڌي ويو آهي.

جرمني ۾ وڌيڪ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن سان وائرس سبب ٿيل فوتگين جو انگ 149 ٿي ويو آهي.

آمريڪا ۾ 2 هزار ارب ڊالر جي امدادي پيڪيج جي منظوري:

هوڏانهن آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ 2 هزار ارب ڊالر جو امدادي پيڪيج منظور ڪري ورتو آهي جيئن صحت کاتي جي مدد سان گڏوگڏ وائرس مان متاثر ٿيل واپارين ۽ معيشت کي به سهارو ڏئي سگهبو.

وائٽ هائوس ۽ سينيٽ ۾ ڪيترن ڏينهن کان جاري بحث کان پوءِ آخرڪار ان امدادي پيڪيج جي حوالي سان معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي درخواست تي ڏکڻ ڪوريا آمريڪا کي فوري طور تي طبي اوزارن جي فراهمي جو واعدو ڪيو آهي.

ملائيشيا ۾ لاڪ ڊائون ۾ واڌ:

ٻئي پاسي ملائيشيا جي وزير اعظم ملڪ ۾ 18 مارچ کان جاري لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ملڪ ۾ وٽي وي تي خطاب ڪندي محي الدين ياسين چيو ته 172 وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي جنهن سان ملڪ ۾ وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 1 هزار 796 ٿي ويو آهي.

آسٽريليا ۾ پابندي جي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار ڊالر جو ڏنڊ:

آسٽريليا ۾ به لاڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪيو پيو وڃي.

آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري شهر نيو سائوٿ ويلز ۾ پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙڻ تي هڪ هزار آسٽريلين ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو پيو وڃ.

آسٽريليا ۾ وڌيڪ 211 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جنهن سان ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو آهي.

نيوزيلينڊ:

نيوزيلينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ مهيني جي لاڪ ڊائون جا چٽا امڪان آهن.

 نيوزيلينڊ ۾ هن وقت تائين رڳو 205 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پر جيسنڊرا آرڊرن چيو ته اِهو انگ هزارن تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.