سنڌ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، رات اٺين وڳي کانپوءِ ڪير به گهران نه نڪري سگهندو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت رات 8 وڳي کانپوءِ ڪنهن کي به روڊن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته رڳو اسپتالن ڀرسان ميڊيڪل اسٽور کليل هوندا.

سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ صوبي ۾ 23 مارچ کان 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو آهي، جنهن تحت سمورا واپاري مرڪز، پارڪ ۽ تفريحي ماڳ بند آهن، جڏهن ته هاڻ صوبائي حڪومت شهرين جي چُرپر کي وڌيڪ محدود ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون اڃا سخت ڪري ڇڏيو آهي.

ان ڏس ۾ گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اڄ کان 13 ڏينهن لاءِ صوبي ۾ رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين کاڌي پيتي جي شين جا دڪان بند رهندا پر اسپتالون 24 ڪلاڪ کليل رهنديون ۽ اسپتالن ڀرسان ميڊيڪل اسٽور به کليل رکڻ جي اجازت هوندي.

پڌرائيءَ موجب رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين ڪنهن کي به روڊ تي اچڻ جي اجازت نه هوندي ۽ رڳو طبي ضرورت تي مريض کي اسپتال وٺي وڃي سگهبو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بازارن، پاڙن ۽ گهٽين ۾ رات 8 وڳي کانپوءِ ڪنهن کي به ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ان سان گڏوگڏ سموريون فيڪٽريون به 13 ڏينهن تائين بند رهنديون پر کاڌي پيتي جون شيون ٺاهيندڙ فيڪٽريون کليل رهنديون، جڏهن ته دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽريون به ڪم جاري رکي سگهنديون.

صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هوڏانهن سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شهري گهرن ۾ نه ويٺا ته هڪ مهيني تائين ڪرفيو هڻي سگهون ٿا.

پنهنجي ويڊيو بيان ۾ اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ چاهي ٿي پر ڪجهه ماڻهو لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.