ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ ٻه ٽريلين ڊالرن جي پيڪيج تي اتفاق

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ ۽ وائيٽ هائوس ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ٽريلين ڊالرن جي وڏي امدادي پيڪيج تي اتفاق ڪري ورتو.

اها رقم ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سرگرم صحت شعبي سان واڳيل اهلڪارن کانسواءِ متاثر ٿيندڙ ڪاروبارن جي مدد تي خرچ ڪئي ويندي.

مالياتي پيڪيج جو اعلان گذريل رات ڪيو ويو هو، جنهن بابت ٻڌايو ويو ته ان رقم سان بيروزگار ماڻهن سميت انهن ماڻهن جي به مالي مدد ڪئي ويندي، جن جو ڪم ڪار بندشن سبب متاثر ٿي رهيو اهي.

واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙ جو انگ 150 ٿي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نيو يارڪ رياست متاثر ٿي آهي، جتي هيل تائين 50 هزار ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.