سنيپ چيٽ ۾ ”دماغي صحت“ لاءِ نئون ٽول شامل

موجوده صورتحال کان ته هاڻ تقريبن هر ڪو  واقف هوندو، ڀلي ڪنهن سان ملڻ هجي يا ڪو ضروري ڪم ڪورونا وائرس سبب اسان سڀئي پنهنجن گھرن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون.

سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري  ماڻهو گھرن ۾ محدود ٿيڻ سبب بي چيني جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڇو جو هنن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه خاص نه آهي.

ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنيپ ڇيٽ دماغي صحت ۽ دٻاءَ جي ڪيفيت ۾ مددگار ٽول متعارف ڪرائي رهيو آهي جيڪ واهپيدارن جي دماغي صحت لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ”هيئر فار يو“ نالي ٽول واهپيدارن جي بي چيني ۽ اسٽريس کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، اهو ٽول سنيپ چيٽ ۾ ڪجهه ئي مهينن ۾ شامل ڪيو ويندو جيڪو بي چيني، ڊپريشن، اسٽريس ۾ مبتلا ماڻهن کي مشورو ۽ نصيحت ڪندو.

ان کان سواءِ سنيپ چيٽ ان نئين ٽول جو خاص دارومدار ڪورونا وائرس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.