حڪومت عوام کي هڪ ٻي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي..!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته پيٽرول اگهن ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اڃا گهٽتائي ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حفيظ شيخ چيو ته ڪورونا وائرس کان اڳ اسان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي هئي، اقتصادي انگ اکر بهتري ڏانهن وڌي رهيا هئا، ڪُل 4 هزار اربن جا قرض ادا ڪيا ويا ۽ روينيو وصوليون 8 مهينن ۾ تاريخي هيون، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ هيون ۽ صوبن کي اين ايف سي تحت انهن جي حصي کان وڌيڪ پئسا ڏنا ويا پر ڪورونا سبب ڏکيائيون سامهون اچي رهيون آهن.

هن چيو ته ڪورونا نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي معيشتن کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ گڏيل حڪمت عملي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر جيڪڏهن اقتصادي سرگرميون متاثر ٿين ٿيون ته ان سان ٽيڪس روينيو سميت ٻيا هدف به متاثر ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم 1250 کرب رپين جو رليف پيڪيج منظور ڪيو آهي، روزگار متاثر ٿيندڙ مزدورن لاءِ 2 سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن، هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن جي مدد ڪئي ويندي، اها چئن مهينن لاءِ 3 هزار ماهوار هوندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان رڳو حقدار ماڻهن کي رليف ڏنو ويندو.

حفيظ شيخ موجب حڪومي پيٽرول جي اگهه ۾ 15 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ گهٽ ڪيو ويندو، يوٽيليٽي اسٽورن تان دليون، چانور، اٽو، گيهه ۽ کنڊ سستي ڏيڻ لاءِ 15 ارب رکيا آهن، بل قسمن ۾ جمع ڪرائڻ جي به سهولت ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.