گھوٽڪي، سوڀوديرو، وارهه ۽ ٽنڊو جان محمد ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون

عوامي آواز رپورٽ
گھوٽڪي، سوڀوديرو، وارهه ۽ ٽنڊو جان محمد ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون
عوامي آواز رپورٽ گھوٽڪي، سوڀوديرو، وارهه ۽ ٽنڊو جان محمد ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون

ڪورونا وائرس جي خطري سبب سنڌ حڪومت جي اعلان تي لاڪ ڊئون جي ٽئين  ڏهاڙي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو

گهوٽڪي ۾ لاڪ ڊائون جي ٽئين تي پوليس پاران قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي صداقت چنا، قيصر چنا، ميرحسن لاکو  سميت 11 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري سندن لاڪپ ڪري ڇڏيو

سوڀيدير ۾ به لاڪ ڊائون جي ٽئين ڏينهن تي شهر مڪمل بند رهيو

جڏهن ته اي سي سوڀوديرو مزمل حسين ٻگھيو رينجرس ۽ پوليس نفري ساڻ ڪري  سوڀوديرو، سڳيون، نواڙوشريف ۾ گشت ڪري لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي شهرين کي هدايت ڪئي

وارهه ۾ به سنڌ سرڪار جي اعلان تي  شھر  ۾ ٽئين ڏينهن تي به مڪمل لاڪ ڊائون رهيو جڏهن ته ايس ايس پي جي اڳواڻي  ۾ شهر  ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو

ٽنڊو جان محمد شھر ۾ به ٽئين ڏينھن مڪمل لاڪ ڊائون رهيو

ٽنڊو جان محمد پوليس جو شهر ۾ گشت جاري آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.