ثانيا مرزا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدورن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا روزانو ڏهاڙي ڪمائيندڙن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي.

ثانيا مرزا مزدورن لاءِ خوراڪ ۽ روز استعمال ٿيندڙ ضروري شين جو اهتمام ڪندڙ فلاحي تنظيم کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو ته خوشقسمتي سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ اسان گهر ۾ ويهي به سمورين سهولتن کان فائدو کڻڻ جي اهليت رکون ٿا، پر اسان کي انهن ماڻهن بابت به سوچڻ گهرجي جن ۾ ايتري سڪت ناهي، لاڪ ڊائون جي ڪري لکين ماڻهو پنهنجي خاندانن کي کاڌو نٿا ڏئي سگهن، اسان کي انهن جي باري ۾ به سوچڻ ۽ پنهنجي اهليت ۽ حيثيت موجب مدد ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.