هالا، ڊگھڙي، چيلهار، تلهار ۽ ڪلوئي ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون

عوامي آواز رپورٽ
هالا، ڊگھڙي، چيلهار، تلهار ۽ ڪلوئي ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون
عوامي آواز رپورٽ هالا، ڊگھڙي، چيلهار، تلهار ۽ ڪلوئي ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا وائرس جي خطري سبب ٽئين ڏينهن به مڪمل لاڪ ڊائون رهيو

هالا ۾ وڏي وزير جي اپيل تي هالا شهر چوٿين ڏينهن به مڪمل طور بند رهيو  جڏهن ته پوليس ۽ آرمي جي جوانن ميخاني تي چڙهائي ڪندي 20 کان مٿي موالين کي گرفتار ڪري ورتو

ڊگهڙي ۾ به لاڪ ڊائون جي ٽئين ڏينهن تي شھر جا مک ڪاروباري مرڪز  بند رهيا اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي نثار احمد ميمڻ، ايس ايڇ او آفتاب رند، اسسٽنٽ مختيارڪار اياز حسين شالماڻي ۽ ٻين جو پوليس نفري سان گڏ شھر جي مختلف علائقن جو گشت ڪري شهر ۾ لاڪ ڊائون جو جائزو ورتو

چيلهار ۾ به ڪورونا جي وبا کان بچاءُ لاءِ سنڌ سرڪار  جي لاڪ ڊائون واري اعلان تي ٽئين ڏينهن به  شهر  بند رهيو  جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جو شهر ۾ گشت جاري رهيو

تلھار شهر ۾ به مڪمل لاڪ ڊائون رهيو  جڏهن ته بڙ چونڪ تي رينجرس جا جوان ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪندا رهيا

جڏھن ته ايس ايڇ او تلھار لياقت پنھور ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي روڪي ماسڪ پارائي روانو ڪندو رھيو

ڪلوئي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪلوئي، ڪار ۾ سوار محمد هاشم ماکيو، سومار نهڙيو، علي اڪبر نهڙيو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪلوئي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.