”ڪورونا وائرس سان جنگ رڳو عوام ئي کٽي سگهي ٿو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي جنگ رڳو قوم کٽي سگهي ٿي حڪومت نه اسان سڀ گڏجي ان جنگ کي کٽينداسين جنهن جو ڪريڊٽ سمورن پاڪستانين ۽ سمورن صوبن ڏانهن ويندو.

وزير اعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي خاتمي جي لاءِ حڪومت طرفان هن وقت تائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته سمورين پارلياماني پارٽي جي تجويزن ورتيون وينديون ۽ حڪومت سڀني سان رابطي ۾ رهندي ۽ تفصيل به شيئر ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان پهريون اجلاس 15 جنوري تي ڪيو ويو هن وقت ڪورونا وائرس رڳو چين جي حد تائين محدود هو جنهن کان پوءِ اسان چيني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهياسين ڇو ته اسان جا شاگرد اُتي ڦاٿل هئا.

هن ٻڌايو ته شاگرد ۽ هنن جي والدين طرفان اپيلون اچڻ لڳيون ته هنن کي واپس آندو وڃي پر اسان چيني اختيارين سان رابطي ۾ هئاسين ان ڪري اسان شاگردن کي اُتي رکڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ڏاڍو ڏکيو ۽ هڪ وڏو فيصلو هو.

وزير اعظم انڪشاف ڪيو ته پهرين اِهو منصوبو غور هيٺ هو ته چين مان شاگردن کي واپس آڻي هڪ حاجي ڪيمپ ۾ رکيو وڃي پر ان خوف کي نظر ۾ رکندي اُتان وبا پکڙجي سگهي ٿي چيني اختيارين سان رابطو ڪري هنن کي اُتي ئي رکيو ويو، جيڪو هڪ سٺو فيصلو هو پر ان جي ڪري چين مان هڪ به ڪيس ملڪ ۾ ناهي آيو.

پر جڏهن ته ٻئي پاڙيسري ايران ۾ ڪورونا وبا ڦلهجڻ شروع ٿي ته اسان جا زائرين اُتي موجود هئا ۽ ايران جي حڪومت سان به اسان مسلسل رابطي ۾ هئاسين.

وزير اعظم ٻڌايو ته مسئلو ان وقت ٿيو جڏهن ايران ۾ ان وبا زور پڪڙيو ته ايران وٽ اُها صلاحيت موجود نه هئي جيڪا چين حاصل ڪئي هئي جو ان کي منهن ڏئي سگهيو ان ڪري زائرين کي تفتان بارڊر تي آندو ويو جتي هنن وٽ زائرين کي آئسوليٽ ڪرڻ يا اسڪريننگ ڪرڻ جا انتظام نه هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.